• PTCL :+92 22 2772701 | Fax +92 22 2771274

Latest News


وائيس چانسلر جو نياپو

سن 2006ع ڌاري اعليٰ تعليمي ڪميشن اسلام‌آباد پاڪستان جي اشتراڪ سان وجود ۾ اچڻ کان وٺي شاگردن جي مالي سهائتا (شمس) شعبو پنهنجي ان عزم تي ڪاربند رهندو اچي تہ مفلس و مستحق شاگردن ۽ اعيٰ تعليم جي وچ ۾ ايندڙ مالي اڙَ کي اچڻ نہ ڏبو.

شمس شعبو ڪيترا ئي قومي ۽ بين‌الاقوامي وضيفا توڙي تعليمي قرض مهيا ڪندي شاگردن کي پنهنجا تعليمي اخراجات پورا ڪرڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي

پرو وائيس چانسلر / شمس شعبي جو سرواڻ

اها ڳالهہ قابل فخر و تشڪر آهي تہ اعليٰ تعليمي ڪميشن جي اشتراڪ سان شمس شعبو سن 2006ع کان تسلي بخش ڪم ڪري رهيو آهي.

شمس شعبو صوبي توڙي ملڪ سان واسطو رکندڙ مالي محرومين جو شڪار متعدد شاگرن جي خدمت ڪندو اچي تہ جيئن هُو انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ، ڄامشورو ۾ پنهنجي اعليٰ تعليم جاري رکي سگھن.

انجنيئرڱ ۽ ٽيڪنيڀياس جي جامعہ مهراڻ وس آهر ڪوشش ڪندي آهي تہ مفلسي ۽ ڪارڪردگي آڌاريل وضيفا توڙي بنان وياج قرض مهيا ڪندي شاگردن جي مالي مدد ڪري سگھجي، جنهن سان پاڪستان جي بهترين جامعات مان هڪ اندر تعليم حاصل ڪرڻ ۾ شاگردن جي همت افزائي ٿئي ٿي.

شمس جھلڪيون

وضيفا ۽ ڏاتار